ڀارت تي آمريڪي ٽيرف ختم ڪرڻ لاءِ ڪانگريس ۾ ٺهراءُ پيش

ڀارت تي آمريڪي ٽيرف ختم ڪرڻ لاءِ ڪانگريس ۾ ٺهراءُ پيش

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڀارت تي لاڳو ڪيل ٽيرف ختم ڪرائڻ لاءِ آمريڪي ڪانگريس ۾ هڪ قرارداد پيش ڪئي وئي آهي، جيڪا ڪانگريس جي ميمبرن راجا ڪرشنامورتي، ڊيبورا روز ۽ مارڪ وي سي پيش ڪئي آهي.
قرارداد جو مقصد ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڀارت تي لاڳو ڪيل 50 سيڪڙو ٽيرف کي ختم ڪرڻ ۽ واپار بابت آمريڪي ڪانگريس جي آئيني اختيار کي بحال ڪرڻ ٻڌايو ويو آهي.
راجا ڪرشنامورتي جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ جي ڀارت بابت غير ذميوار ٽيرف حڪمتِ عملي هڪ اهم شراڪتداري کي نقصان پهچائي رهي آهي.
هن چيو ته: “آمريڪي مفادن کي اڳتي وڌائڻ بدران، اهي ٽيرف سپلائي چين ۾ خلل وجهن ٿا، آمريڪي مزدورن کي نقصان پهچائن ٿا، ۽ صارفين لاءِ خرچ وڌائن ٿا.”
ٻئي پاسي مارڪ وي سي جو چوڻ آهي ته ڀارت هڪ اهم معاشي ۽ اسٽرٽيجڪ ڀائيوار آهي، ۽ اهي غير قانوني ٽيرف عام ماڻهن تي هڪ قسم جو ٽيڪس آهن.
ياد رهي ته صدر ٽرمپ هن سال ڀارت سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن تي محصول لاڳو ڪيا آهن۔ شروعات ۾ هن ڀارت تي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو هو، پر آگسٽ ۾ روس کان تيل خريد ڪرڻ جو حوالو ڏيندي، ٽرمپ ڀارت تي وڌيڪ 25 سيڪڙو اضافي ٽيرف به لاڳو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو