ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڀارتي جهاز جي هنگامي طور ڪراچي ۾ لينڊنگ بعد روانگي، هڪ مسافر جي طبيعت خراب هئڻ ڪري انساني بنيادن تي جهاز کي لينڊنگ جي اجازت ملي. انڊيگو ايئر لائن جو جهاز جيڪو شارجه کان لکنئو وڃي رهيو هو ۽ ايران جي فضائي حدن مان جيئن ئي پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيو ته پائلٽ اجازت گهري، جهاز جيئن لٿو ته حبيب الرحمان نالي مسافر جي طبيعت خراب هئي ۽ جيئن ئي ڊاڪٽر پهتو ۽ چڪاس ڪئي ته مسافر اڳ ۾ فوت ٿي چڪو هو، جنهن بعد قانوني ڪاروائي ڪرڻ بعد جهاز 8 وڳي احمد آباد لاءِ روانو ٿي ويو.










