ڀارتي اداڪاره زرين خان جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي

ڀارتي اداڪاره زرين خان جي ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا زرين خان جي ماءُ پروين خان ڊگهي بيماري کانپوءِ ممبئي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب، خاندان طرفان جاري ڪيل هڪ مختصر بيان ۾ خبر جي تصديق ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته جنازي نماز اڄ ممبئي جي ورسووا ۾ ادا ڪئي ويندي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان جي پياري محترمه پروين خان، جيڪا زرين خان ۽ ثنا خان جي ماءُ هئي، پرامن طور تي فوت ٿي وئي

پهنجو تبصرو موڪليو