اوٻاوڙو(ن سنڌيار)وستي جيوڻ شاهه پوليس ڪاري قرار ڏئي قتل ڪيل نينگري جو چوري پوريل لاش هٿ ڪري ورتو. ايس ايس پي گهوٽڪي جي حڪم تي ايس ايڇ او رونتي پنهنجي عملي سان گڏ موقع واري هنڌ پهچي معلومات وٺڻ بعد ڪاروائي ڪندي مقتولا رخسانه سميجو جي ڀائرن جان محمد ۽ محمد حنيف سميجو کي گرفتار ڪيو جن جي نشاندهي تي گهر جي پاسي ۾ دفنايل لاش هٿ ڪري ورتو. ملزمن ٻڌايو ته چار ڏينهن اڳ هنن پنهنجي ڀيڻ کي پنهنجي ئي برادري جي هڪ نوجوان عابد ولد پيربخش سميجو سان ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪري چوري لاش دفنائي ڇڏيو هو .پوليس جو چوڻ هو ته مقتوله ناري رخسانه سميجو جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو.










