ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ شهر ۾ غير اعلانيه لوڊشيڊنگ تي ڪي اليڪٽرڪ ۽ نيپرا تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ بجلي جي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ خلاف جماعت اسلامي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ لاڳاپيل اختيارين عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران عدالت بجلي جي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ تي ڪي اليڪٽرڪ ۽ نيپرا عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان 2025 ۾ آهيون، ٿوري برسات به پوي ته بجلي 3، 3 ڪلاڪن لاءِ بند ڪئي ويندي آهي. جسٽس فيصل ڪمال پڇيو ته نجڪاري کان پوءِ ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي انفراسٽرڪچر ۾ ڪهڙيون بهتريون ڪيون آهن؟ ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي يوٽيلٽي سروس ۾ ڪهڙيون بهتريون ڪيون آهن؟ عدالت پڇيو ته نيپرا ڇا ڪري رهيو آهي؟ شهر ۾ 12 ۽ 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، ان تي نيپرا جي وڪيل چيو ته نيپرا ڪي اليڪٽرڪ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا آهن، ۽ تازو ڪي اليڪٽرڪ تي 20 ملين رپين جو جرمانو لڳايو ويو آهي. عدالت چيو ته ان سان لوڊشيڊنگ تي ڪهڙو فرق پيو آهي؟ ڇا ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ٿي ويو آهي؟ ڇا نيپرا وٽ ٽيڪنيڪل ٽيم آهي يا نه؟جسٽس حسن اڪبر چيو ته 2020 ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او بيان ڏنو هو ته زيرو لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، هاڻي 2025 ۾ شهر ۾ ڪٿي به لوڊشيڊنگ نه ٿيندي، ان تي ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل چيو ته لوڊشيڊنگ ڪافي گهٽجي وئي آهي، وڌيڪ فيڊرز کي لوڊشيڊنگ کان مستثنيٰ قرار ڏنو ويو آهي.عدالت نيپرا عملدارن کي حڪم ڏنو ته اهي سروي ڪن ۽ ٻڌائين ته ڪي-اليڪٽرڪ جي نجڪاري کان پوءِ انفراسٽرڪچر ۾ ڪهڙيون بهتري آئي آهي، ۽ جماعت اسلامي پاران نيپرا کي جمع ڪرايل شڪايت تي 1 آگسٽ تائين فيصلو ڪن. بعد ۾ عدالت 12 آگسٽ تي نيپرا ۽ ڪي-اليڪٽرڪ کان پيش رفت رپورٽ طلب ڪئي.










