ٿهيم برادري پاران سنڌ جي محتسب اعليٰ  کي آجياڻو

ٿهيم برادري پاران سنڌ جي محتسب اعليٰ کي آجياڻو

جوهي (ن سنڌيار)ٿهيم برادري پاران محستب اعلي سنڌ غلام سرور ٿهيم  جي مان ۾ آجياڻو. محمد شريف ٿهيم. ڊاڪٽر محمد هاشم ٿهيم.عبدالحميد ٿهيم. عرفان علي ٿهيم ۽ ٻين محستب اعلي سنڌ غلام سرور ٿهيم سندن فرزندن مير عمر جعفر ٿهيم ۽ ٻين دوستن جي  مان ۾ پروقار تقريب ڪوٺائي وئي, آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي آڌرڀاء ڪيو,ان موقعي تي محتسب اعلي سنڌ غلام سرور ٿهيم برادري کي خطاب ڪندي چيو ت ٿهيم برادري پوري پاڪستان ۽ سنڌ ۾ وڏي انگ ۾ رهي ٿي. برادري اندر جهيڙا ۽ تعصب ختم ڪري پاڻ ۾ ٻڌي ۽ ايڪو پيدا ڪيون. ٻارن جي دنياوي ۽ ديني تعليم تي توجه ڏيڻ گهرجي. سماجي براين کان پري رهي سٺي ڪردار سان برادري ۽ سنڌي قوم جي خدمت وقت جي اهم ضرورت آهي.  عرفان علي ٿهيم ۽ ٻين چيو ته غلام سرور جون برادري لاء محنتون ۽ ڪاوشون تعريف لائق آهن پاڻ ۽ سندن فرزند بنا فرق جي هر وقت برادري سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي گڏ آهن. روزگار. علاج. تعليم ۽ غريب نياڻين جي مدد لا حال آهر ڪوششون وٺن ٿا..بعد ۾ محتسب اعلي غلام سرور ٿهيم ڊاڪٽر روشن ٿهيم جي والد ۽ ميونسپل وائس چيئرمين غلام حسين نقاد ٿهيم جي ڀاءُ جي وفات تي تعزيت ڪئي,

پهنجو تبصرو موڪليو