ٿرڪول بلاڪ ون ۾ وڌندڙ چورين تي چيني ڪمپني جو سنڌ حڪومت کي خط

ٿرڪول بلاڪ ون ۾ وڌندڙ چورين تي چيني ڪمپني جو سنڌ حڪومت کي خط

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٿرڪول بلاڪ ون ۾ وڌندڙ چورين تي چيني ڪمپني سنڌ حڪومت کي خط لکي ڇڏيو چيني ڪمپني جي چيئرمين مينگ ڊونگ آئي سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي نالي خط ۾لکيو ته چوري جي ڏوهن ۾ مقامي نوجوان ملوث آهن جڏهن ته قيمتي اسٽيل اليڪٽرڪ ڪيبل ۽ ٻيو سامان چوري ڪندڙن کي پوليس کان ڇڏايو وڃي ٿو چيني ڪمپني جي چيئرمين پنهنجي خط ۾ لکيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ به بجلي سپلاءِ جي ٽرانسميشن لائن کي نقصان پهچايو ويو خط ۾ چيئرمين پاران سنڌ جي چيف سيڪريٽري کان ٿرڪول بلاڪ ون جي ڪنڊيدار تار کان ٻه ڪلوميٽر تائين اڻ لاڳاپيل ماڻهن جي اچ وڃ تي پابندي لڳائڻ جي به گذارش ڪئي وئي چيني ڪمپني جي چيئرمين چيو ته جيڪڏهن چوريون بند نه ٿيون ته گهربل نتيجا حاصل نه ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو