پ پ پ شھيد ڀٽو پاران اسرائيل جي ظلم خلاف احتجاج

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)پ پ پ چيئرپرسن محترمه غنويٰ ڀٽو جي حڪم تي پوري ملڪ جيان ضلع دادو پاران اسرائيل پاران ڪيل فلسطين جي مسلمانن تي ظلم ۽ قبلا اول بيت المقدس تي قبضو ڪرڻ ۽ بحريا ٽائون جي انتظاميان خلاف پ پ پ شھيد ڀٽو ضلع دادو پاران دادو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھيو ويوـ ان موقعي تي ضلع صدر محمد ھاشم کوسوـ ايڊوڪيٽ ذولفي کوکر پـير بخش پنھور ممتاز کوسوـخادم سومروـوحيد سيالـ امام بخش کوسو جاويد کوسوـ علي شير پنھور علي باسط شاھــ ـ اعجاز لاشاري ۽ ٻين تعلقن ۽ سٽين جي عھديدارن ورڪرن ميڊيا اڳيان خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل جي جارحيت خلاف ۽ بحريا ٽائون جي خلاف سخت نعري بازي ڪئي ۽ گڏيل اقوامي متحده ۽ دنيا جي اھم ادارن کان مطالبو ڪيو ته اسرائيل پاران فلسطين جو بيگناھ قتل عام بند ڪريو وڃي ۽ بحريا ٽائون خلاف قانوني قدم کڻي سنڌي ڳوٺن کي ڊاھڻ بند ڪيو وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو