پ پ پوليس کي مخالفن خلاف استعمال پئي ڪري:زين شاهه

پ پ پوليس کي مخالفن خلاف استعمال پئي ڪري:زين شاهه

سڪرنڊ ( ن س )سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ چيو آهي ته بلاول ۽ آصف زرداري جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي جي فاشسٽ حڪومت سنڌ کي سياسي مخالفن لاء جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي پيپلز پارٽي سنڌ پوليس کي پنهنجي مخالفن خلاف هٿيار طور استعمال ڪري رهي آهي پيپلز پارٽي سياسي انتقام جو نشانو بڻائيندي ايس يو پي سکر جي ڪارڪن سراج جاگيراڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪندي کيس گرفتار ڪرايو آھي جنهن جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا هن جاري ڪيل پنھجي بيان ۾ اهو به چيو ته سنڌ ۾ ايس يو پي جي ڪارڪنن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي گرفتار ڪرايو پيو وڃي ايس يو پي سان سياسي همدردي رکڻ جي ڏوھ ۾ سنڌ حڪومت سان لاڳاپيل سرڪاري ملازمن کي جبري طور برطرف ڪري سندن پگھارون روڪي کين ھراسان ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته پوليس جي ذريعي ايس يو پي جي ڪارڪنن تي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي اهڙا عمل سنڌ حڪومت جي بوکلاھٽ کي ظاهر ڪن ٿا، سيد زين شاھ چيو ته اسان ماضي ۾ به پيپلز پارٽي جي ظالماڻي حڪمت عملي جو مقابلو ڪندي عوام جي حقن جو دفاع ڪيو آهي ۽ ھميشه ڪندا رھنداسين پيپلز پارٽي اسان کي دٻاءُ ۽ ڌمڪين سان ڊيڄاري نٿي سگهي پيپلز پارٽي جا اهي حُربا ڪڏھن به ڪامياب نه ٿيندا، هن چيو ته سياسي مخالفن کي ادارن ذريعي ڌمڪيون ڏياري حڪومت ملڪ کي انتشار جي طرف ڌڪي رهي آهي، پيپلز پارٽي سنڌ کي پنهنجي ذاتي جاگير ۽ عوام کي غلام سمجهندي رھي آھي سيد زين شاھ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري طور نوٽيس وٺي اسان جي ڪارڪنن تي داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن، ٻئي طرف ايس يو پي صدر سيد زين شاھ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي گهر تي پوليس جي ڇاپي،چادر ۽ چار ديواريءَ جي تقدس جي ڀڃڪڙي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ کيس ھراسان ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو آھي، هن چيو ته حڪومتي عمل ملڪ کي فاشزم ڏانهن ڌڪي رهيا آهن جنهن سان ملڪ کي سخت نقصان پهچندو ھڪ طرف ڳالھيون ته ٻئي طرف ڊيڄاريو پيو وڃي، پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومت انتقامي ڪارواين جو بدترين مثال قائم ڪيو آهي، سيد زين شاهه چيو ته حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر آمراڻي ۽ غير جمهوري حرڪت ڪئي آهي. ٻئي پاسي سيد زين ڪافي عرصو بيمار رهڻ بعد پهريون ڀيرو سڪرنڊ لڳ ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ اچي ڳوٺاڻن ۽ ڪارڪنن سان عيد مليو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو