لاهور) ويب ڊيسڪ( پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب جي بجيٽ تي اعتراض اٿاري ڇڏيا.پيپلز پارٽي پارلياماني پارٽي پاران بجيٽ تي اعتراض اٿاريندي اڄ پنجاب اسيمبلي ۾ اهم اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ علي گيلاني جو چوڻ آهي ته ڏکڻ پنجاب کي صوبو نه بڻائڻ ۽ هارين جي نقصانن جو ازالو نه ٿيڻ تي اعتراض آهن.علي گيلاني چيو آهي ته بجيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ فنڊ لاهور لاءِ آهن، پنجاب جي ٻين ضلعن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.هن جو چوڻ هو ته “صاف پنجاب” شهرن جي حد تائين بهتر آهي پر ڳوٺ اڃا تائين گندگي جو شڪار آهن.










