پ پ پاران جي بي ۾ امجد حسين ايڊووڪيٽ وڏو وزير نامزد

پ پ پاران جي بي ۾ امجد حسين ايڊووڪيٽ وڏو وزير نامزد

گلگت: (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي گلگت بلتستان ۾ امجد حسين ايڊووڪيٽ کي وزيراعليٰ جي لاءِ نامزد ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته امجد حسين ايڊووڪيٽ پيپلز پارٽي گلگت بلتستان جو صدر به آهي. امجد حسين ايڊووڪيٽ تازو اليڪشن ۾ جي بي اي 1 گلگت تان ڪامياب ٿيو آهي.ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن گلگت بلتستان طرفان 24 مان 21 تڪن جي سرڪاري نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيپلز پارٽي 9، مسلم ليگ(ن) 6، آءِ پي پي 4، ايم ڊبليو ايم 1 ۽ آزاد اميدوار 1 سيٽ تي ڪامياب ٿيو.نوٽيفڪيشن موجب جي بي اي 9 اسڪردو 3، جي بي اي 17 ديامر 3، جي بي اي 15 ديامر 1 جي نتيجن جو اعلان بعد ۾ ٿيندو. اليڪشن ڪميشن موجب عورتن جي 6 مخصوص سيٽن مان 3 پيپلز پارٽي، 2 (ن) ليگ ۽ هڪ آءِ پي پي جي حصي ۾ آئي.ٽينڪو ڪريٽ جي 2 سيٽن مان پيپلز پارٽي، (ن) ليگ ۽ آءِ پي پي کي هڪ هڪ سيٽ ملي. پ پ اڳواڻ نيئر حسين بخاري چيو آهي ته پ پ وٽ مخصوص ۽ ٽيڪنو ڪريٽ سيٽون ملائي 17 کان 19 سينٽن جي اڪثريت بڻجي ٿي. انشاءَالله گلگت بلتستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت ٺاهيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو