ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ سنڌ ۾ 26 لک گهر بجلي کان محروم هجڻ جي انڪشاف تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هن جديد دور ۾ جتي دنيا چنڊ تي وڃي پهتي آهي، پر اڄ به سنڌ ۾ لکين گهراڻا بجلي جهڙي اهم نعمت کان محروم آهن جيڪو سنڌ ۾ پ پ جي مسلسل 16 ساله ڪارڪردگي جو چٽو مثال آهي. هن اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي اقتدار جي خاطر هميشه سنڌ جي مفادن جي سوديبازي ڪئي آهي، سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ کان وٺي ڪارونجهر جي ڪٽائی توڙي لکين ايڪڙ زمين “ گرين پاڪستان” جي نالي تي ڪمپني حوالي ڪرڻ ان جو تازو مثال آهي، پيپلزپارٽي لاڳيتو 16 سال سنڌ ۾ اقتدار تي قابجھ هجڻ باوجود عوام کي بنيادي سهولتون ڏيڻ ۾ به ناڪام ثابت ٿي آهي، انڪري سنڌ جي ترقي توڙي عوام جي خوشحاليءَ لاءِ پ پ جي جاگيردار ۽ وڏيرا شاهي ٽولي مان جند ڇڏائڻي پوندي. عوام مخلص ۽ سنڌ دوست قيادت کي اڳتي آڻي ته سڀئي سور ختم ٿي ويندا. هن چيو ته بجلي سميت صحت، تعليم، صاف پاڻي توڙي امن امان ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي، پر سنڌ سرڪار عوام جا اهنج ختم ڪرڻ بدران سنڌ کي ڌاڙيل راڄ حوالي ڪري ڇڏيو آهي.#










