پ پ جو دٻاءُ، هاءِ ڪورٽ جي 2 ججز جي بدلي رڪجي وئي

پ پ جو دٻاءُ، هاءِ ڪورٽ جي 2 ججز جي بدلي رڪجي وئي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز جي بدلي جي معاملي ۾ دلچسپي رکندڙ حلقن کي اڱاري جي ڏينهن انهي وقت جزوي جهٽڪو لڳو جڏهن پيپلز پارٽي جي دٻاءُ سبب ٻن ججز جي بدلي في الحال روڪي وئي.ذريعن نجي چينل کي ٻڌايو ته حڪومتي قدمن ۾ پيپلز پارٽي جي مداخلت سبب جسٽس خادم حسين سومرو ۽ جسٽس ارباب ايم طاهر جا نالا في الحال ٽرانسفر جي فهرست مان خارج ڪيا ويا.ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري جي واپسي تي انهي معاملي کي ٻيهر اٿارڻ جو اٿارڻ جو امڪان آهي. اهو به ممڪن آهي ته انهن ٻنهي ججز جي بدلي تي مستقبل ۾ ٻيهر غور ڪيو وڃي.اها اڳڀرائي حڪومت جي اندران ايندڙ انهن اڳوڻن اشارن جي ابتڙ آهي جنهن موجب پيپلز پارٽي کي پنهنجن خدشن جي باوجود آخرڪار جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان ۾ سمورن بدلين جي مجوزه حمايت ڪرڻي هئي.انهي کان اڳ ذريعن ٻڌايو هو ته جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبرن جسٽس خادم حسين سومرو کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ جسٽس ارباب ايم طاهر کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ جي تجويز تي پنهنجن خدشن جو اظهار ڪيو هو. پر حڪومتي ذريعن کي ووٽنگ جي وقت انهن جي حمايت حاصل هجڻ جو يقين هو.

پهنجو تبصرو موڪليو