پ پ جا حواس خته ٿي چڪا،چونڊون مقرر وقت تي ٿين:مگسي

پ پ جا حواس خته ٿي چڪا،چونڊون مقرر وقت تي ٿين:مگسي

حيدرآباد( بيورو رپورٽ )سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي جي نيشنل پريس ڪلب حيدرآباد آمد ۽ ميڊيه سان ڳالھ ٻولھ،خبر موجب سنڌ ترقي پسند پارٽي جي باني ڊاڪٽر قادر مگسي جي نيشنل پريس ڪلب حيدرآباد آمد ۽ ميڊيه سامھون ڳالھ ٻولھ دؤران صحافين پاران پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي سندن چوڻ ھو ته اليڪشن ملتوي ڪرائڻ جون افواھون ھلي رھيون آھن، پر اسين چاھيون ٿا ته اليڪشن پنھنجي مقرر ڪيل وقت تي ٿين ته اھو ملڪ ۽ قوم لاء بھتر ٿيندو، ھن چيو ته آئون ضلعي ٽنڊي محمد خان مان صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي، ايس، 67 اميدوار آھيان ۽ ھاڻي پيپلز پارٽي جا حواس خته ٿي چڪا آھن، توھان ڏٺو ته ڪالھ پ پ وارن بيبي آصفه ڀٽو زرداري کي ٽنڊو محمد خان وٺي چي عوام آڏو بيھاري ڇڏيو، ھاڻي پيپلز پارٽي وارن کي اچي پريشانين وڪوڙيو آھي ڇو ته انھن کي خبرپئيجي وئي آھي ته انھي تڪ مان آئون کٽي رھيو آھيان، ھن چيو ته صوبن جي مظبوطي جو دارو مدار وفاق جي مظبوطي سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، ھڪ صحافي پاران افغانستان بابت ڪيل سوال جو جواب ڏيندي ايس ٽي پي سربراھ چيو ته افغانستان اسانجو دوست ملڪ ھو، پر ھاڻي نه آھي رھيو، ھن چيو ته ايران به اسانجو دوست ملڪ ھو پر ھاڻي اتان به اسان لاء پريشانين منھن ڪڍيو آھي، پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختياري بابت ڪيل سوال جو جواب ڏيندي ھن چيو ته ايران جي حملي تي پاڪستان پاران به انجو ذميواري وارو جواب ڏنو ويو آھي ۽ ان ۾ ڪنھن به عام ماڻھون کي نقصان نه آھي پهتو ۽ پاڪستان کي پنھنجي جوابي ڪارروائي جي عمل ۾ جيڪو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻو ھو اھو ھن ڪري ورتو۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو