پ پ بلوچستان ۾ اختلافن ۾ واڌ ، بلاول ڀٽو جو نوٽيس

پ پ بلوچستان ۾ اختلافن ۾ واڌ ، بلاول ڀٽو جو نوٽيس

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) پيپلزپارٽي بلوچستان ۾ سخت اختلاف سامهون اچي ويا آهن جنهن تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس وٺندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.پ پ چيئرمين جي هدايت تي سينيئر نائب صدر سينيٽر عمر گورگيج سان گڏ صوبائي سيڪريٽري اطلاعات سربلند جوگيزئي کي به نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.پ پ عهديدارن کي پريس ڪانفرنس ڪرڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا، ٻنهي اڳواڻن کان 10 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪيو ويو، ٻي صورت ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي.ان کان اڳ پ پ بلوچستان جي صوبائي صدر چنگيز جمالي ۽ جنرل سيڪريٽري روزي خان ڪاڪڙ کي به شوڪاز نوٽيس جاري ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو