پ پ، (ن) ليگ ۽ جي يو آءِ جي جاچ تي پي ٽي آءِ جا اعتراض رد

پ پ، (ن) ليگ ۽ جي يو آءِ جي جاچ تي پي ٽي آءِ جا اعتراض رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن پ پ، (ن) ليگ ۽ جي يو آءِ (ف) جي جاچ ۾ دير تي پي ٽي آءِ جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا.اليڪشن ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ جي يو آءِ ف جي فنڊن جي جاچ بابت پيش رفت رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جيڪا 165 صفحن تي مشتمل آهي.اليڪشن ڪميشن ٽنهي پارٽين پاران جاچ ۾ دير تي پي ٽي آءِ جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا آهن.رپورٽ ۾ وڪيلن جي بار بار تبديلي، ملتوي درخواستون ۽ جاچ ميمبرن جي غير موجودگي کي دير جو بنيادي سبب قرار ڏنو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسڪروٽني ڪميٽي جي ميمبرن جي تبديلي به دير جو سبب بڻي، هڪ ڪميٽي ميمبر کي ڪورس لاءِ ورتو ويو ۽ نئين ميمبر جي مقرري ۾ 4 مهينا لڳي ويا، ڊپٽي چيئرمين جي رٽائرمينٽ جو سبب ٻڌايو پيو وڃي. آڊيٽر جنرل مسعود اختر 13 ڊسمبر 2021ع تي ڪميٽي به غير فعال ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو