اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي کي رليف ڏنو ويو، اپوزيشن کي تعريف ڪرڻ گهرجي.تفصيل موجب عطاءُالله تارڙ قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته جمهوري روايتن جو اهو هائوس امن آهي، ليڊر آف اپوزيشن جنهن ماحول ۾ ڳالهه ڪئي اسان انهي ڊيسڪ تان ڪتابون سڙندي ڏٺيون، ڪاغذ ڦاڙي اڇلايا ويا. هن وڌيڪ چيو ته اپوزيشن کي مثبت قدمن جي تعريف ڪرڻ گهرجي، پگهاردار طبقي کي خاطر خواهه رليف ڏنو ويو آهي. 50 هزار کان گهٽ پگهار تي ڪوبه ٽيڪس نه آهي.پنجاهه هزار کان هڪ لک تائين هڪ سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويو آهي. ملڪ ڊيفالٽ ٿيڻ تي شرطون لڳي رهيون هيون، ڪيترائي آفيسر موڪل وٺي ملڪ ڇڏي ويا. رياست جي بقا لاءِ سياست جي قرباني ڏني.عطاءُالله تارڙ چيو ته آءِ ايم ايف سان گڏجاڻي ٿي جيڪڏهن اها گڏجاڻي نه ٿئي ها ته اڄوڪي خوشحالي نه اچي ها، پاڪستان ۾ ايڪسچينج ريٽ ائين تبديل ٿي رهيو هو جيئن پنکو هلندو آهي. ڪاروباري ماڻهن جي ايل سيز به نه کلي رهي هئي.هن چيو ته مهانگائي 38 سيڪڙو هئي هن ايوان ۾ بطور اپوزيشن اڳواڻ دعوت ڏني ته اچو ميثاق معيشت ڪريون ٿا. انهن جي ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف کي خط لکيا. هنن چاهيو ٿي ته ملڪ ڊيفالٽ ٿي وڃي. آءِ ايم ايف کي لکيل خط رڪارڊ جو حصو آهن.هن ٻڌايو ته هتان کان خط لکي رهيا هئا ته پاڪستان کي بيل آئوٽ نه ملي. ادارن جون تمام گهڻيون ڪاوشون آهن، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ٽيم جو ڪردار آهي ته ملڪ ۾ استحڪام ٿئي، مهانگائي جي شرح سنگل ڊيجيٽ تي اچي سگهي ٿي، ويا ج جي شرح 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 11 سيڪڙو تي نه اچي ها ته حالتون ڪهڙيون ٿي وڃن ها انهي جو اندازو به نٿو لڳائي سگهجي.؟ عطاءُالله تارڙ چيو ته ڊيفالٽ تي پهچڻ وارا هئاسين هتي خوشيون ملهايون پئي ويون شوگر ٽو بيڪو بيوريجز کي ڪوبه پڇڻ وارو نه هو پر اسان صرف شوگر انڊسٽري کان اربين روپيه ريڪور ڪيا آهن.گذريل سال شهباز شريف جي نگراني ۾ ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر انفورسمنٽ جي مد ۾ 800 ارب روپيه ريڪور ڪيا ويا. ايف بي آر جي جيڪا ريفارمز ڪئي وئي آهي انهي جا ثمر هر شهري تائين پهچندا. منصفاڻه سسٽم لاڳو ڪيو ويو آهي ته ٽيڪس نه ڏيندڙن جو بار ٽيڪس ڏيندڙ هاڻ برداشت نه ڪندو.










