پڙهائي دوران 29 گولڊ ميدل حاصل ڪرڻ جو عالمي رڪارڊ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)بيشڪ پاڪستان ۾ ٽيلنٽ جي ڪا به کوٽ ناهي ۽ جيڪڏهن توهان ۾ ڪنهن ڪم لاءِ ڀرپور جذبو آهي ته دنيا جي ڪا به طاقت توهان کي ان مشن کان روڪي نه ٿي سگهي. اهڙو ئي هڪ ڪارنامو پاڪستان جي حافظ محمد وليد ملڪ ايم بي بي ايس جي پڙهائي دوران 29 گولڊ ميڊل حاصل ڪري حاصل ڪيو. ميڊيڪل جي پڙهائي دوران گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ لاءِ شاگرد کي 85 سيڪڙو کان وڌيڪ مارڪون يا ڪلاس ۾ سڀ کان وڌيڪ نمبر حاصل ڪرڻ لازم هوندو آهي.


حافظ محمد وليد ملڪ ايم بي بي ايس جي پڙهائي دوران 29 گولڊ ميڊل حاصل ڪري نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ هڪ رڪارڊ قائم ڪيو آهي. ان حوالي سان ورلڊ رڪارڊ هولڊر گولڊ ميڊلسٽ وليد ملڪ جو چوڻ هو ته جڏهن هن ايم بي بي ايس ۾ داخلا ورتي ته شروعات ۾ ڪجهه مشڪلاتون پيش آيون پر پوءِ سخت محنت ڪئي جنهن ڪري ڪاميابي ماڻي. حافظ وليد ملڪ کان اڳ اهو اعزاز ڪنگز ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج جي هڪ شاگردياڻي وٽ هو جنهن ڊاڪٽريٽ جي پڙهائي دوران 23 گولڊ ميڊل حاصل ڪيا هئا. ان کان علاوه ميڊيڪل جي هڪ ٻئي شاگرد ڊاڪٽر شهزاد به 21 گولڊ ميڊل حاصل ڪري پنهنجي والدين ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو