دڙو (امداد ميمڻ) پڃاري ڪئنال جي ميران شاھ ريگيوليٽر وٽ حيدرآباد جي گٽرن مان ڦُٽي آيل بي پاڙي موتمار ول ۾ 5 مينھون وهنجڻ دوُران ڦاسڻ سبب تڙپي تڙپي مري ويون. پڃاري ڪئنال ۾ مري ويل 2 مينھون پيراميڊيڪل اڳواڻ سيد حيسن شاھ, 3 مينھون سيد بابو شاھ جون هيون. جن جي ماليت لکين روپيا ٻڌائي وڃي ٿي. مالوند مااڻھن پاران مري ويل مينھن کي پڃاري واھ مان ڪڍڻ لاءِ ڪرين گهرائي وئي. ايريگيشن کاتي دڙو جو ڪوبه عملدار موقعي تي موجود نه ھو. ڪجھه وقت اڳ دڙو پڃاري ڪئينال جي بڪڪ موري واري علائقي ۾ نوناري, شيخ ۽ ٻين برادرين جي ماڻھن جون 8 مينھون ۽ ھڪ ڳوٺاڻون علو ملاح پڻ وهنجڻ دوُران بي پاڙي ول ۾ ڦاسڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي چڪا آھن. مري ويل مينھن جي مالڪن سيد حسين شاھ, بابو شاھ ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته حيدرآباد شھر جي سمورن گٽرن جي نيڪال جا منھن ڄامشورو کان وھندڙ دڙو پڃاري ڪئنال ۾ ڇڏيا ويا آھن. آبپاشي کاتو بي پاڙي ول کي صاف ڪرائڻ لاء تيار ناھي.

جنھن سبب زرعي زمينن تائين پاڻي پھچڻ ۾ بي پاڙي ول وڏي رڪاوٽ بڻيل آھي. شھرين, آبادگارن ۽ مالوند ماڻھن سنڌ حڪومت, آبپاشي کاتي ۽ سجاول جي ضلعي انتظاميا کان گھر ڪئي آھي ته پڃاري ڪئنال ۾ بي پاڙي ول ۾ ڦاسڻ سبب ٻڏي مري ويل مينھون جو کين معاوضو ادا ڪيو وڃي ۽ ول پٽي واهه کي صاف ڪيو وڃي.










