ٺل(عبدالنبي شيخ) چين ۾ ڪورونا وائرس سبب ڪيترائي پاڪستاني شهري چين ۾ ڦاٿل آهن جنهن ۾ هڪ ٺل جي باءِ پاس جو رهواسي ميڊيڪل جي آخري سال جو شاگرد بدرالدين پٽ عبيدالله سرڪي چين جي شهر جنگزو سٽي ۾ ڦاٿل آهي جنهن جي واپسي لاءِ پاڪستان سرڪار توڙي پاڪستاني ايم بي سي سهڪار نه ڪرڻ تي شاگرد جي زندگي خطري ۾ پئجي وئي آهي جيڪو گذريل ٻن ڏينهن کان وٺي پاڪستاني سرڪار جي مدد جو منتظر آهي چين ۾ ڦاٿل شاگرد وارثن سان رابطو ڪري صورتحال ڏني ۽ بنا دير پاڪستان گهرائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. ٻئي پاسي چين ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد بدرالدين سرڪي جي وارثن پاران پٽ جي واپسي ۾ دير ڪرڻ تي پريشاني ۾ پڻ ورتل آهن ان حوالي سان شاگرد جي والد عبيدالله سرڪي چيو ته پٽ کي چين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ موڪليو آهي جيڪو آخري سال جو شاگرد آهي پر چين ۾ خطرناڪ وائرس سبب هن جي تعليم ته متاثر ٿي آهي پر هن جي زندگي به داءُ تي لڳي وئي آهي اسان کي بدرالدين رابطو ڪري واپس پاڪستان گهرائڻ ۾ پاڪستاني سرڪار جي مدد نه ڪرڻ تي ڳڻتي آهي ڇوته اتي ڪافي ٻين ملڪن جي شاگردن کي پنهنجا ملڪ سهولتون ڏئي واپس گهرائِين ٿا پر افسوس ته پاڪستاني سرڪار پنهنجي ماڻهن کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان پٽ جي لاءِ پريشان آهيون وزير اعظم پاڪستان کي اپيل آهي ته پٽ کي واپس ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي جيئن اسان جو پٽ ڪورونا وائرس جي خطري مان نڪري سگھي. ٻئي پاسي چين ۾ ڦاٿل ٺل واسي شاگرد بدرالدين سرڪي ويڊيو پيغام ۾ پاڪستاني سرڪار کان مدد جي اپيل ڪندي چيو آهي ته اسان جي زندگين کي چين ۾ خطرو وڌي ويو آهي ڇوته ڪورونا وائرس جو ڪوبه علاج نه ٿو ڪيو وڃي جنهن ڪري وزيراعظم پاڪستان کي اپيل آهي ته اسان کي واپس گهرائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي.










