ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته پي ڊي ايم کي پيپلز پارٽي بڻايو هو، هاڻي هو اسان کي ٿريٽ ڪري رهيا آهن، ڪراچي ۾ احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيوآهي ته پ پ ملڪ جي وڏي پارٽي آهي، پاڪستان ۾ سروي ڪرايو وڃي خبر پئجي ويندي، پي ڊي ايم وارا اسان کي استعمال ڪري رهيا آهن، جڏهن اتحادين ۾ هلڻو هوندو آهي ته پوءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو آهي ته پ پ ايم آر ڊي تحڙيڪ سوڌو ٻين اتحاين ۾ هلي آهي، ڪڏهن ته ڪنهن سان دغا ناهي ڪئي، اتحادين ۾ ذاتي مامرا ناهن هوندا.










