پي ڊي ايم فوج خلاف دشمنن واري زبان استعمال ڪري رهي آهي،وزيراعظم

پي ڊي ايم فوج خلاف دشمنن واري زبان استعمال ڪري رهي آهي،وزيراعظم

چڪوال (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جهڙي طرح پي ڊي ايم تحريڪ  فوج خلاف ڳالهايو آهي اهڙي طرح تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهي ٿيو. اها زبان استعمال ڪئي پئي وڃي جيڪا ڀارت جي پروپيگنڊه مشين استعمال ڪندي آهي.وزيراعظم چڪوال ۾ 500 بسترن جي اسپتال لاءِ ڪاليج ۽ رنگ روڊ منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو  ۽  پهرين يونيورسٽي جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته ڀارت جي فيڪ ويب سائٽ پي ڊي ايم کي به پروموٽ ڪري رهي هئي. جيڪڏهن چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي هئي ته ڇا اوهان ڪنهن فورم تي ويا نه  ثبوت ڏنا نه ڪنهن فورم تي ويا بس فوج تي حملا شروع ڪري ڇڏيا. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ماڻهو سمجهن ٿا ته بٽڻ آن ڪريو ته تبديلي اچي ويندي. تبديلي پهريان دماغ ۾ پوءِ زمين تي ايندي آهي. چڪوال ۾ اهڙي قسم جا پراجيڪٽ آندا  آهن جنهن سان تبديلي آڻينداسين ۽ ان  سان معاشرو بدلجندو آهي. عمران خان چيو ته  اپوزيشن ادارن جي خلاف ڀارت جي زبان استعمال ڪري رهي آهي. ڀارت پاڪستاني فوج کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اپوزيشن به آءِ ايس آءِ چيف ۽ آرمي چيف کي ٽارگيٽ ڪري رهي آهي. جيڪڏهن اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي ته ڇا اپوزيشن اليڪشن ڪميشن وٽ وئي اپوزيشن ته ڪي به ثبوت نه ڏنا نه ڪنهن وٽ ويا. پر هنن ادارن خلاف گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيوآهي.وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ملڪ ۾ بدترين ڪرپشن ڪئي. آصف زرداري کي نوازشريف ڪرپشن تي جيل ۾ وڌو هو. هنن ٻنهي پارٽين سبب ملڪ جي قرض ۾ تيزي سان واڌ ٿي. فصل الرحمان پاڻ ئي فيصلو ڪري ورتو آهي ته مان صادق ۽ امين آهيان ڪنهن جي آڏو جوابده ناهيان. ان جو صرف هڪ مطالبو آهي ته ان کي اين آر او ڏئي ڇڏيو. مريم نواز ۽ بلاول زرداري اين آر او جي لاءِ جلسا ڪري رهيا آهن انهن کان ڪو پڇڻ وارو ناهي ته ڇا ٿي رهيو آهي اوهان زندگي ۾ ڇا ڪيو آهي هنن زندگي ۾ هڪ ڪلاڪ به ڪم ناهي ڪيو بلاول ۽ مريم جا پيءُ پاڪستان جا ڪرپٽ ترين انسان آهن. عمران خان چيو ته هي ماڻهو ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. فوج کي چون پيا ته حڪومت نٿا ڪيرايو ته پنهنجي سربراهه جي خلاف ٿي وڃو. پاڻ کي جمهوري چون ٿا ۽ حڪومت کي ڪيرائڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن هي ماڻهو مون کي ڪهڙي به طريقي سان بليڪ ميل نٿا ڪري سگهن. جيڪڏهن ان چورن کي ڪنهن حڪومت اين آر او ڏنو ته اها ملڪ سان غداري هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو