اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم ۽ اتحادي پارٽين اجلاس ۾ سائفر ۽ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ تي صلاح مشورا ڪيا آهن. وزيراعظم هائوس ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۽ اتحادي پارٽين جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نويد قمر، خورشيد شاهه، مراد علي شاهه، مولانا اسعد محمود، خالد مقبول صديقي، امين الحق، ڪشور زهري، سالڪ حسين، طارق بشير چيما، خالد مگسي، اسحاق ڊار، اياز صادق، مريم اورنگزيب ۽ ٻين شرڪت ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ڊي ايم ۽ اتحادي پارٽين جي اجلاس جي صدارت وزيراعظم شهباز شريف ۽ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي هاڻوڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال سوڌو سائفر بابت معاملن تي به صلاح مشورا ڪيا ويا.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي امڪاني لانگ مارچ بابت حڪمت عملي تي به غور ڪيو ويو.اجلاس ۾ چيو ويو ته مريم نواز جي حق ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو حق ۽ سچ جي سوڀ آهي.ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف سان پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي هاڻوڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.










