پي پي اڳواڻ بابل خان جکراڻي وفات ڪري ويو

پي پي اڳواڻ بابل خان جکراڻي وفات ڪري ويو

جيڪب آباد(ن س) پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ مير بابل خان جکراڻي فوت ٿي ويو آهي. سندس جنازي نماز اڄ شام جيڪب آباد ۾ ادا ڪئي ويندي. هو ڳچ عرصي کان بيمار هو. هو قومي اسمبلي ۽ سنڌ اسمبلي جو اڳوڻو ميمبر هو ۽ هن وقت پيپلز پارٽي جي قومي اسمبلي ۾ چيف وهپ اعجاز خان جکراڻي جو والد هو. اعجاز جکراڻي پنهنجي فيسبڪ تي سندس هڪ يادگار تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هو ڳاڙهي ٽوپي پائي تڏهوڪي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي پويان ويٺل نظر اچي ٿو. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ شازيه مري سندس وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي مرحوم جي بخشش جي دعا ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو