پي ٽي وي جي اطهر فاروق خلاف جنسي هراسگي جو ڏوهه ثابت، ڏنڊ ڀرڻ جو حڪم

پي ٽي وي جي اطهر فاروق خلاف جنسي هراسگي جو ڏوهه ثابت، ڏنڊ ڀرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ پي ٽي وي ۾ جنسي هراسگي جي جوابدار اطهر فاروق بٽر کي 6 متاثر عورتن کي 5-5 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ پي ٽي وي ۾ عورتن جي جنسي هراسگي ڪيس جو فيصلو جاري ڪيو ۽ 8 صفحن تي ٻڌل فيصلي کي جسٽس منصور علي شاهه لکيو آهي. جسٽس منصور علي شاهه فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته شاهدين سان ثابت آهي ته پي ٽي وي ۾ عورتن کي عهدي جي لالچ ڏئي جنسي طور هراسان ڪيو ويو.سپريم ڪورٽ اطهر فاروق بٽر کي 6 عورتن کي 5-5 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته جيڪڏهن جوابدار ڏنڊ نه ڏنو ته ان جي ملڪيت کپائي متاثر عورتن کي ڏنڊ ادا ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو