ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ پي ٽي آئي ڪارڪن پاران عمران خان کان پڇيل سوال تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آئي ڪارڪن جي سوال عمران خان کي وائکو ڪري ڇڏيو هڪ بيان ۾ امتياز شيخ چيو ته عمران خان جي پوڻا 4 سال حڪومتي دور ۾ آمراڻو نظام نافذ هو جنهن جو نتيجو پوري قوم ڀوڳي رهي آهي صوبائي وزير چيو ته جماعت اندر آمراڻي نظام جو پي ٽي آئي جا ڪيترائي اڳواڻ اعتراف ڪري چڪا آهن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف ۾ انصاف جي کوٽ جي سوال تي عمران خان جي ناپسند ديدگي اظهار جي وڊيو وائرل ٿي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حقيقي آزادي ٽرانسميشن ۾ ڪارڪن کي سخت سوال کان روڪيو ويو هو. ڪارڪن شيرافضل عمران خان کان سوال ڪيو هو ته بونير ۾ اوهان جي پارٽي ۾ انصاف آهي يا نه. سوال جو جواب ڏيڻ بدران عمران خان ڪارڪن کان مائڪ واپس وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو ته فيصل ڪنهن ٻئي کان سوال ڪيو هي ڪوئي سوال نه آهي.










