پي ٽي آئي خلاف درخواست، رجسٽرار آفيس جا اعتراض ڪالعدم قرار

پي ٽي آئي خلاف درخواست، رجسٽرار آفيس جا اعتراض ڪالعدم قرار

اسلام آباد ( بيورو) سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي قومي ادارن خلاف چڙڏياريندڙ بيانن کان روڪڻ واري درخواست تي رجسٽرار آفيس جي قانوني اعتراضن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه درخواست گذار قوسين فيصل جي درخواست تي ان چيمبر ٻڌڻي ڪئي هئي جنهن جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي .حڪم نامي ۾ درخواست گذار کي انتظامي اعتراض ٻن هفتن ۾ ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ويو آهي ته درخواست انتظامي اعتراضن ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي ويندي.لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار جو ڪم انتظامامي معاملا ڏسڻ آهي، جڏهن ته اپيلن ۽ درخواستن بابت قانوني معاملا ڏسڻ عدالت جو اختيار آهي، آئين موجب رجسٽرار عدالتي اختيارين جو استعمال نٿو ڪري سگهي. حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته رولز موجب رجسٽرار درخواست جي ٻڌڻي جوڳو هئڻ جو فيصلو نٿو ڪري سگهي، آرٽيڪل 3/184 تحت داخل درخواست تي رجسٽرار فيصلو نٿو ڏئي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو