پي ٽي آءِ ڊونلڊ لو کان معافي گهري، ثبوت موجود آهن: خواجا آصف

پي ٽي آءِ ڊونلڊ لو کان معافي گهري، ثبوت موجود آهن: خواجا آصف

اسلام آباد (بيورو)بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي معافي ڏيڻ بابت ڊونلڊ لو کان سمورو رڪارڊ حاصل ڪري ورتو آهي.خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ملاقات ۽ آمريڪي حڪومت کان معافي وٺڻ جا ثبوت موجود آهن. خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ ڊونلڊ لوڌي کان معافي گهري.هن چيو ته عمران خان آمريڪا کي پيغام ڏنو آهي ته اسان غلطي ڪئي آهي، هو آمريڪا سان معاملا ٺيڪ ڪرڻ چاهي ٿو، اهو عمل اتان شروع ٿيڻ گهرجي جتان ٽوڙيو ويو.خواجا آصف چيو ته عمران خان جي هوا هلي وئي آهي ان ڪري هاڻي ڊونلڊ لوڌي کي دعائون گهريون پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو