پي ٽي آءِ ڇڏڻ وارا ڊيپوٽيشن تي آيا هئا: بابر اعواڻ

پي ٽي آءِ ڇڏڻ وارا ڊيپوٽيشن تي آيا هئا: بابر اعواڻ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بابر اعواڻ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي پارٽي ڇڏڻ تي دلچسپ جواب ڏئي ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته موجوده حڪومت عمران خان جو هڪ ووٽ به ڪٽي نه ٿي سگهي.بابر اعواڻ چيو ته اسان عمران خان سان گڏ آهيون، لکين ماڻهو ساڻس گڏ آهن، پيپر ٽائيگر وانگر لڪي نه رهيا آهيون پر ميدان ۾ آهيون، هي اسان جو ملڪ آهي ان کي ٺيڪ ڪنداسين.پي ٽي آءِ اڳواڻن جي پارٽي ڇڏڻ تي بابر اعواڻ چيو ته مان چوندس ته جيڪي پارٽي ڇڏي رهيا آهن اهي ڊيپوٽيشن تي آيا. پارٽيءَ کان ڇڏيندڙ هاڻي ڪيبينيٽ ڊويزن کي واپس رپورٽ ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو