پي ٽي آءِ پاران اين اي 249 جي چونڊ رد ڪرڻ جي درخواست

پي ٽي آءِ پاران اين اي 249 جي چونڊ رد ڪرڻ جي درخواست

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) تڪ اين اي 249 ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن کان اڳ 17 هزار  ماڻهن جا ووٽ ٻين شهرن ڏانهن منتقل ڪيا ويا. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته چونڊ جي لاءِ مقرر ڪيل اسٽاف ۾ تعليم کاتي جي من پسند  آفيسرن کي پريزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪيو ويو.درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن کان استدعا ڪئي وئي آهي ته ڌانڌلي سبب اين اي 249 جي ننڍي چونڊ کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو ته پيپلز پارٽي پنهنجي اميدوار کي کٽرائڻ جي لاءِ ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ۽ ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنن تي فارم 45 پولنگ ايجنٽس کي نه ڏنا ويا.ان کان علاوه اين اي 249 ننڍي چونڊ ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي دوران پيپلز پارٽي کان علاه سمورين پارٽين  ڳڻپ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو