اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته مان پي ٽي آءِ ۾ آهيان، جهانگير ترين سان منهنجو ڪوبه رابطو ناهي.اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ سان رابطي ۾ آهيان.هن چيو ته اڄ مون تي چار ڪيس آهن.صحافي سوال ڪيو ته جهانگير ترين سان ڪو رابطو ٿيو آهي؟ اسد قيصر چيو ته جهانگير ترين سان ڪوبه رابطو ناهي.هڪ ٻئي صحافي سوال ڪيو ته فواد چوڌري پي ٽي آءِ جا اڳواڻ وٺي رهيو آهي، توهان جو ڪو رابطو ٿيو آهي؟اسد قيصر جواب ڏنو ته مان پي ٽي آءِ ۾ آهيان.










