پي ٽي آءِ سينيئر نائب صدر ڊاڪٽر شيرين مزاري گرفتار

پي ٽي آءِ سينيئر نائب صدر ڊاڪٽر شيرين مزاري گرفتار

پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت جي گرفتارين جو سلسلو جاري آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر شيرين مزاري کي گرفتار ڪيو ويو آهي.اسلام آباد پوليس رات دير سان تحريڪ انصاف جي سينيئر نائب صدر ڊاڪٽر شيرين مزاري جي گهر تي ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪري ورتو.ان کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، فواد چوڌري کي سپريم ڪورٽ جي احاطي مان جڏهن ته شاهه محمود قريشي کي جي بي هائوس مان گرفتار ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو