اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ 600 ماڻهن کي صفر شرح سود تي 4 ارب ڊالر قرض ڏنا ويا.پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايف آءِ اي کان عيد کانپوءِ 600 ماڻهن کي 4 ارب ڊالر فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي.ڪميٽي ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي ته انهن 600 ماڻهن جا گهر، بئنڪ بيلنس ۽ ملڪيتون ضبط ڪيون وڃن.چيئرمين پي اي سي نور عالم خان چيو ته اڳوڻو گورنر رضا باقر ۽ اڳوڻو ناڻي وارو وزير شوڪت ترين 4 ارب ڊالر ڏيڻ ۾ ملوث آهن.برجيس طاهر چيو ته 160 رپين جي مٽا سٽا جي شرح تي 4 ارب ڊالر صفر سود تي ڏنا ويا، هاڻ ڊالر 280 رپين تي پهچي ويو آهي ۽ اهو ملڪي معيشت جو 900 ارب کان وڌيڪ آهي.










