اسلام آباد (خصوصي رپورٽ) پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جون وقفي وقفي سان پوليس ۽ رينجرز سان چڪريون ۽ جهڙپون جاري آهن. ڪارڪن رات ساڍي نائين وڳي وري چائنا چوڪ وٽ پهچي ويا ۽ پوليس سان غليل بازي جاري آهي. ڪارڪن علي امن گنداپور کي ڊي چوڪ هلڻ لاءِ چون ٿا، ڪجهه ڪارڪنن سندس ڪنٽينر تي پاڻي جون خالي بوتلون به ڪاوڙ ۾ اڇلايون پر اڳتي نه پيو وڌي. عمران خان ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مطالبن جي مڃتا تائين اخري بال تائين مقابلو ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي آهي. بشرا بي بي ڪارڪنن کان وچن ورتو آهي ته جيسين عمران خان اسان وٽ نه ايندو ڪو به پوئتي نه هٽندو. حڪومت پي ٽي اءِ اڳواڻن کي طئي ڪيل جاءِ يعني سنگجاڻي ڏانهن وڃڻ لاءِ چوي پئي ۽ ساڳئي وقت اضافي نفري طلب ڪري رات دير سان وڏي ڪريڪ ڊائون جي به تياري ڪري رهي آهي. حڪومت کي خدشو آهي ته جيڪڏهن ڪارڪن اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي ويٺا ته مقامي ڪارڪن به شامل ٿي سگهن ٿا. پي ٽي آءِ جو هي پهريون احتجاج آهي جنهن ۾ عورتن جو انگ نه هئڻ برابر آهي. ڌرڻي ۽ آس پاس مختلف جاين تي 20 کان 25 هزار ڪارڪن موجود آهن، ڌرڻي ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شهرن جا به ڪجهه ماڻهو نظر آيا. اڪثريت نوجوانن جي آهي جن جي اڪثريت پشتو ڳالهائڻ وارن جي آهي ۽ شڪل شبيهه مان قبائلي علائقن جا پٺاڻ، چترالي ۽ افغاني لڳي رهيا آهن.سندن هٿن ۾ غليلون، کانڀاڻيون، لوهيون سيخون ۽ ڏنڊا آهن. پنجابي ڳالهائيندڙن، اسلام آباد يا راولپنڊي جي ڪارڪن جو انگ تمام گهٽ آهن. علي امين گنڊاپور ۽ بشرا بي بي جا ڪنٽينر ڊي چوڪ کان 2 کان 3 ڪلوميٽر پري آهن. ڪجهه صحافي ڪوريج لاءِ پهتا ته انهن کي ڪارڪن وڪوڙي ويا ۽ چون ٿا جيئن هو چون ائين خبرون هلايو، هڪ موقعي تي مڇريل ڪارڪن نيشنل پريس ڪلب پهتا، پوليس جو تنبو ساڙي ڇڏيو ۽ ڪلب جي گيٽ تي هنگامو ڪيو. مظاهرين ايڪ نيوز ۽ جيو نيوز جي آفيسز تي حملا به ڪيا. ايف سڪس ايف سيون جي سيون کان ويندي باقي سموري اسلام آباد ۾ ڪاروهنوار معمول موجب هلي پيو. بليو ايريا، جناح ايوينيو چائنا چوڪ ڊي چوڪ تي صورتحال ڇڪتاڻ واري آهي. آس پاس جا هوٽل ۽ مارڪيٽ بند ڪرايا ويا آهن، جنهن سبب ڪارڪنن لاءِ کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ به آهي. ڏينهن جو ڪجهه ماڻهو موٽر سائيڪلن ۽ گاڏين ۾ برياني جي پيڪٽ ۽ پاڻي جون بوتلون آڻي مظاهرين ۾ ورهائيندا رهيا. ( نوٽ: هي اسٽوري لمحي به لمحي اپڊيٽ ٿيندي رهندي)










