پي ٽي آءِ جي پرچم کنيل ٻار کي ڪيپٽن صفدر جي نِرڙ تي چُمي

پي ٽي آءِ جي پرچم کنيل ٻار کي ڪيپٽن صفدر جي نِرڙ تي چُمي

لاهور (ويب ڊيسڪ)ن ليگ اڳواڻ ڪيپٽن (ر) صفدر انتهائي شفقت جو مظاهرو ڪندي تحريڪ انصاف جو جهنڊو کنيل ٻار سان پيار ڪيو ۽ کيس نرڙ تي چُمي ڏني. ڪيپٽن (ر) صفدر جي ايڪس اڪائونٽ تان هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي وئي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪارڪنن ۽ سيڪيورٽي سان گڏ ڪيپٽن صفدر پنڌ وڃي رهيو آهي. ڪيپٽن صفدر ٻار کي ڏسندي ئي ماڻهن کي هٽائيندي فوري طور وٽس پهچي ويو ۽ کيس ڀاڪر پائي سندس مٿي تي هٿ رکيو ۽ کيس نرڙ تي چمي ڏني. ڪيپٽن صفدر وڊيو شيئر ڪندي ڪيپشن لکيو ته ”هي ٻار به ته اسان جا ئي آهن“.سوشل ميڊيا واهپيدار ڪيپٽن صفدر جي ان قدم کي ساراهي رهيا آهن.

https://twitter.com/i/status/1752973790936502677

پهنجو تبصرو موڪليو