لنڊن(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان نواز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي مطالبن جو ڪو به بنياد ناهي.حڪومت سان ڳالهين ۾ تحريڪ انصاف جي ٽن شرطن جي جواب ۾ نواز شريف چيو ته پي ٽي آءِ جا مطالبا گذريل 20 سالن کان سڀني جي سامهون آهن.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته تحريڪ انصاف جي مطالبي جي ڪا پڄاڻي ناهي. نواز شريف چيو ته هو عمري جي موقعي تي پاڪستان جي سلامتي لاءِ دعا گهري ٿو، الله پاڪستان تي رحم ڪري.










