پي ٽي آءِ  جي دور ۾ 400 لاپتا ماڻهن کي بازياب ڪرايو ويو

پي ٽي آءِ جي دور ۾ 400 لاپتا ماڻهن کي بازياب ڪرايو ويو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ پي ٽي آئي اڳواڻ اسد قيصر دعويٰ ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور ۾ 400 کان وڌيڪ لاپتا ماڻهن کي بازياب ڪرايو ويو هو.اسد قيصر ڪوئيٽا ۾ پارٽي اڳواڻ جنيد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته قومي ۽ بلوچستان اسيمبلين ۾ عوامي نمائندگي ناهي، اڃا وقت آهي ته انا کي پاسي تي رکي حقيقي نمائندن کي اسيمبليءَ ۾ آندو وڃي. اسد قيصر چيو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي بنيادي حق تان هٿ نه کڻنداسين، سياسي آزادي ۽ ليول پليئنگ فيلڊ جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. اسد قيصر وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرايو وڃي، اسان جي دورِ حڪومت ۾ 400 کان وڌيڪ لاپتا ماڻهن کي بازياب ڪرايو ويو هو، بلوچستان جون محروميون ختم ڪرڻ لاءِ عوام جي ڳالهه ٻڌڻي پوندي. هن جو اهو به چوڻ هو ته اختر مينگل اسان جو اتحادي آهي، کيس گڏ کڻي هلنداسين. ان کان علاوه، جنيد اڪبر چيو ته پي ٽي آئي جي باني تي پوري ملڪ جي عوام جو اعتماد آهي، بلوچستان ۾ اقتدار انهن ماڻهن وٽ هجڻ گهرجي جن تي عوام ڀروسو ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو