پي ٽي آءِ جي درخواست رد، سيڪيورٽي الرٽ،سي ٽي ڊي جوان مقرر

پي ٽي آءِ جي درخواست رد، سيڪيورٽي الرٽ،سي ٽي ڊي جوان مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته شهر ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ آهي جڏهن ته قلم 144 لاڳو آهي.ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف ڇنڇر تي اسلام آباد سميت ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي.اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته ناڪن تي تلاشي سخت ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سي ٽي ڊي جا اسپيشل اسڪواڊ گشت تي مقرر ڪيا ويا آهن.شهرين کي هدايت ڪئي ته هو سفر دوران ضروري شناختي دستاويز کڻي وڃن، پوليس چيڪنگ دوران تعاون جي درخواست ڪئي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته ان دوران ايف نائن پارڪ ڀرسان ٽريفڪ جي رش ٿي سگهي ٿي. هنن شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو غير ضروري سفر کان پاسو ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو