اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) عمران خان کي ٽڪيٽون وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ بچاءَ واري وزير خواجا آصف کي هرجاڻي جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ بچاءَ واري وزير خواجا آصف کي 10 ارب رپيا هرجاڻي جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو، نوٽيس پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار موڪليو آهي.نوٽيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته خواجا آصف عمران خان تي سيالڪوٽ ۾ ٽڪيٽون وڪرو ڪرڻ جو ڪوڙو الزام هنيو، مٿس سيالڪوٽ مان ٽڪيٽن لاءِ 30 ڪروڙ رپيا ورتا.نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته خواجا آصف سيالڪوٽ جي ٽڪيٽ هولڊرن تي بي بنياد ۽ سنگين الزام هنيا، پريس ڪانفرنس ۾ سڌي ريت عمران خان ۽ پارٽي اڳواڻن کي بدنام ڪيو. پي ٽي آءِ نوٽيس ۾ چيو آهي ته خواجا آصف پنهنجي بي بنياد الزامن تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين کان لکت ۾ معافي گهري، ملڪ جي اهم اخبارن ۾ معافي نامو شايع ڪرايو وڃي، جيڪڏهن معافي نه گهري ته خواجا آصف کي 10 ڏنڊ ادا ڪرڻ گهرجن. نوٽيس ۾ اهو به چيو ويو آهي ته معافي يا هرجاڻي جي ادائيگي نه ڪرڻ تي خواجا آصف خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.










