اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) ملڪ ۾ مهانگائي ۽ ٽيڪسز خلاف جماعت اسلامي جي پارليامينت سامهون ڊي چوڪ تي ڌرڻو هڻڻ واري اعلان بعد پوليس ڊي چوڪ ڏانهن ويندڙ روڊ رستا ڪنٽينر رکي بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ميٽرو سروس به بند ڪئي وئي آهي. اسلام آباد جي مک رستن تي رڳو هڪ لين هلي رهي آهي جنهن سبب هر جاءِ تي ٽريفڪ جام آهي. جماعت جو امير حافظ نعيم ڪي پي مان قافلو وٺي راولپنڊي جي 26 نمبر چنگي تي بيهاريل رڪاوٽون ٽوڙي اسلام آباد ۾ داخل ٿي ويو آهي. گوادر مان مولانا هدايت الله ۽ مختلف شهرن کان مقامي اڳواڻن جي سربراهي ۾ قافلا روان دوان آهن. راولپنڊي جي مري روڊ تي به هڪ پاسي کان ٽريفڪ بلاڪ آهي. اسلام آباد ۾ ڪارڪنن جي ڦرلٽ ۽ وفاقي راڄڌاني جي مڪمل شٽر ڊائون کانپوءِ جماعت اسلامي پاران پلان بي تحت شهر جي ٽن مختلف هنڌن تي ڌرڻن جو اعلان ڪيو ويو آهي. حفظ نعيم جي اڳواڻي ۾ ايڇ 8 چوڪ تي جلوس پهتو آهي، جماعت اسلامي جي اطلاعات سيڪريٽري قيصر شريف چيو آهي ته پارٽي قيادت ٽن هنڌن تي ڌرڻا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هن چيو ته مري روڊ راولپنڊي تي ڌرڻو هنيو ويندو جنهن جي اڳواڻي امير العظيم ڪندو جڏهن ته نائب امير ڊاڪٽر اسامہ رازي ۽ صوبائي ۽ ضلعي قيادت به شرڪت ڪندي.هن چيو ته ٻيو ڌرڻو اسلام آباد جي زيرو پوائنٽ تي ٿيندو، جنهن جي اڳواڻي امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان ڪندو، جڏهن ته نائب امير لياقت بلوچ، ميان محمد اسلم، صوبائي ۽ اسلام آباد جا اڳواڻ ساڻس گڏ هوندا.قيصر شريف چيو ته ٽيون ڌرڻو چنگي نمبر 26 تي ٿيندو، جنهن جي اڳواڻي نائب امير ڊاڪٽر عطا الرحمان، پروفيسر محمد ابراهيم ۽ صوبائي قيادت ڪندي. سڌ سماءَ واري سيڪريٽري چيو ته جيستائين جماعت اسلامي جا مطالبا نه مڃيا ويندا، تيستائين ڌرڻو جاري رهندو، جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي هدايت تي جتي به رڪاوٽ هوندي اتي ڌرڻو هنيو ويندو. هن چيو ته هو ڪارڪنن تي تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت ڪن ٿا، حڪومت فاشزم ۾ اچي وئي آهي ۽ هن وقت تائين 1150 ڪارڪن کان مٿي گرفتار ڪيو ويو آهي. قيصر شريف چيو ته جيستائين بجلي جا بل گهٽ نه ڪيا ويندا، آءِ پيپيز ۽ پگهاردار طبقي تي ٽيڪس ختم نه ڪيو ويندو، تيستائين ڌرڻو جاري رهندو.جماعت اسلامي جي حڪومت خلاف احتجاجي ڌرڻي جا شريڪ فيض آباد پل تي پهچي ويا آهن، ملڪ جي مختلف علائقن مان قافلا پهچڻ بعد احتجاجي ڌرڻو ڊي چوڪ طرف روانو ٿيندو. ان دوران هزارين ماڻهن تي ٻڌل جماعت اسلامي جو قافلو راولپنڊي کان اسلام آباد روانو ٿيو ته لياقت باغ پهچڻ تي پوليس کين اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو. سي پي او راولپنڊي خالد همداني ۽ ٻيا پوليس اهلڪار لياقت باغ پهچي ويا.ان موقعي تي جماعت اسلامي جي اڳواڻن ڪارڪنن کي پرامن رهڻ جي هدايت ڪندي اسٽيج تان اعلان ڪيو ته پوليس اهلڪار سيڪيورٽي لاءِ آيا آهن. ان موقعي تي جماعت اسلامي جي اڳواڻن چيو ته کين ڊي چوڪ ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن ظالماڻي ٽيڪس خلاف پرامن احتجاج ڪيو وڃي، جيڪڏهن کين اڳتي وڌڻ نه ڏنو ويو ته هو لياقت باغ شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ويهي رهندا.سي پي او راولپنڊي جماعت اسلامي جي اڳواڻن کي چيو ته هو جماعت اسلامي جي ڪارڪنن کي اڳتي وڌڻ نه ڏيندا، تنهن ڪري بهتر آهي ته ڪارڪنن کي لياقت باغ اندر وٺي وڃي. لياقت باغ ويجهو جماعت اسلامي جي اڳواڻن ۽ سي پي او وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ پنهنجو احتجاج ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.










