پي ٽي آءِ اڳواڻ عاليه حمزه جي ضمانت  منظور

پي ٽي آءِ اڳواڻ عاليه حمزه جي ضمانت منظور

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ عاليه حمزه جي ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.راولپنڊي جي عدالت جي سول جج قمر عباس تارڙ عاليه حمزه جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عاليه حمزه جي وڪيل فيصل ملڪ سندس طرفان عدالت ۾ پيش ٿيو.عدالت عاليه حمزه جي ضمانت جي درخواست منظور ڪندي کيس هڪ لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.ياد رهي ته عاليه حمزه کي 19 اپريل تي راولپنڊي ايئرپورٽ پوليس اسٽيشن مان گرفتار ڪيو ويو هو. عاليه حمزه سميت پنجن جوابدارن تي سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت جو الزام لڳايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو