پي ٽي آءِ اڳواڻ صنم جاويد جا گرفتاري وارنٽ جاري

پي ٽي آءِ اڳواڻ صنم جاويد جا گرفتاري وارنٽ جاري

لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت 9 مئي 2023 جي ڪيسن بابت شادمان ٿاڻي ۾ داخل ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جي ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) اڳواڻ صنم جاويد ۽ روبينه جميل جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.دهشتگردي جي انت واري عدالت لاهور ۾ شادمان ٿاڻي ۾ ڀڃ ڊاهه، باهين جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت صنم جاويد ۽ روبينه جميل جي غير حاضري سبب ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. عدالت حاضري جي لاءِ جوابدارن کي طلب ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو