اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن ۽ ٻين پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو 2 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.ايف آءِ اي رئوف حسن کي سيشن ڪورٽ جي جڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي پي ٽي آءِ جو وڪيل لطيف کوسا عدالت ۾ پيش ٿيو.ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر عدالت کي رئوف حسن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا اڪائونٽس جون ڊيوائسون هٿ ڪرڻيون آهن، جيڪڏهن ڊوائيس مليا ته وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي، ايف آءِ اي ڪيس ۾30 ڏينهن جو جسماني رمانڊ وٺي سگهجي ٿو. وڪيل لطيف کوسا رئوف حسن جي جسماني رمانڊ جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف جي آفيس سيل ڪئي وئي، ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آهي، فل ڪورٽ جي 11 ججن چيو ته تحريڪ انصاف سياسي پارٽي آهي. ائين ئي رهندو.لطيف کوسا وڌيڪ چيو ته رئوف حسن کي هڪ جوابدار جي بيان تي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو، گرفتار تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جا ڊيوائسز ۽ موبائيل ايف آءِ اي وٽ آهن.ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي رئوف حسن جي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، جڏهن ته وڪيل صفوي رئوف حسن ۽ ٻين کي ڪيس مان بري ڪرڻ جي درخواست ڪئي.عدالت رئوف حسن ۽ پي ٽي آءِ جي ٻين ڪارڪنن جو 2 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.










