پي ٽي آءِ اڳواڻن جا مختلف سياسي پارٽين سان رابطا

پي ٽي آءِ اڳواڻن جا مختلف سياسي پارٽين سان رابطا

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي صدر پرويز الاهي پارٽي چيئرمين عمران خان جي هدايتن تي مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان رابطو ڪيو.پي ٽي آءِ صدر پرويز الاهي سان مختلف وفدن ملاقات ڪئي، ان موقعي تي چوڌري پرويز الاهي چيو ته راڻا ثناءُ الله جهڙن ماڻهن کي جيڪڏهن ماڊل ٽائون سانحي ۾ سزا ملي ها ته زمان پارڪ سانحو اڄ پيش نه اچي ها.هن چيو ته عدالتي انڪوائري ۾ آءِ جي پنجاب محسن نقوي سرفهرست آهي، زمان پارڪ واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي، علي بلال جي شهادت ۾ آءِ جي پنجاب، انتظاميه ۽ پوليس برابر جا ذميوار آهن.صدر پي ٽي آءِ چيو ته اهڙو مثال پيدا ڪيو وڃي ته ايندڙ انتظاميه اختيار پنهنجي ڳچيءَ تائين رکي، انتظاميه جي سمورن قصوروارن کي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.ان کان علاوه چوڌري پرويز الاهي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي، مصطفيٰ ڪمال ۽ وسيم اختر سان به ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.پرويز الاهي ڊاڪٽر طاهر القادري جي پٽ خرم نواز گنڊاپور سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل ۽ سينيٽر اعجاز چوڌري جي اڳواڻي ۾ وفد جماعت اسلامي جي مرڪز منصوره پهتو ۽ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي پارٽين مستقبل ۾ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي به مجلس وحدت المسلمين جي سربراهه راجا ناصر عباس سان ملاقات ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو