پي ٽي آءِ اميدوارن کي هراسان نه ڪرڻ جو حڪم

پي ٽي آءِ اميدوارن کي هراسان نه ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اميدوارن ۽ ڪارڪنن کي هراسان نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي هراسان ڪرڻ ۽ مهم هلائڻ جي اجازت ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق شعيب شاهين ۽ علي بخاري ايڊووڪيٽ جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.چيف جسٽس عامر فاروق شعيب شاهين ۽ علي بخاري جي درخواست تي حڪم جاري ڪري ڇڏيا.ٻڌڻي دوران وڪيل شعيب شاهين عدالت کي ٻڌايو ته پوليس اسان جي حمايتين کي پڪڙيو آهي، پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو چيو پيو وڃي، اسان جي ماڻهن کي ڪنهن ٻي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو چيو پيو وڃي.شعيب شاهين چيو ته هو فون ڪن ٿا ۽ چون ٿا ته جيڪڏهن توهان ملاقات ڪئي ته توهان جي خلاف پرچہ داخل ڪيو ويندو.وڪيل علي بخاري عدالت کي ٻڌايو ته چونڊ مهم ۽ ريليون جيڪي ٿيڻيون هيون اهي ٿي ويون، اڄ آخري ڏينهن آهي، اسان جي پولنگ ايجنٽن کي فون ڪري ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.شعيب شاهين چيو ته اسلام آباد جي ماڊل پوليس به اهڙو رويو اختيار ڪندي ته پوءِ تصوير ڪهڙي هوندي؟ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن کي جيتريون درخواستون مليون آهن انهن تي هڪ ئي ڏينهن ڪارروائي ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن آءِ جي اسلام آباد کي معاملي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ايس ايس پي آپريشنز عدالت کي ٻڌايو ته 112 اميدوارن مان رڳو ڊڪي اهڙا الزام لڳايا آهن، جنهن تي چيف جسٽس عامر فاروق مسڪرائيندي رمارڪس ڏنا ته اهي ئي آهن جن کي شڪايت ڪرڻي آهي! ايس ايس پي آپريشنز چيو ته اسان سڀني ڌرين کي ليول پلينگ فيلڊ ڏني آهي، جنهن تي چيف جسٽس عامر فاروق حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته واقعي؟ چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته يقين ڏياريو ته ڪنهن به تنگ نه ڪيو وڃي، جيڪڏهن توهان ذميواري وٺي رهيا آهيو ته پوءِ توهان کي يقين ڏيارڻو پوندو ته عوام جو اعتماد سڀ کان اهم شيءِ آهي.هن چيو ته اوهان ذميوار آفيسر آهيو، ان ڪري اوهان کي گهرايو ويو آهي، ٻي صورت ۾ آءِ جي ۽ گهرو سيڪريٽري کي طلب ڪنداسين، اليڪشن ڪميشن کي صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻي آهي.عدالت اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان پنهنجي اختيار ۾ سڀ شيون ڇو نه ٿا ڏسي رهيا آهيو؟ اليڪشن ڪميشن لاهور پريس ڪانفرنس جو نوٽيس ورتو آهي. چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته اسلام آباد ننڍڙو آهي، هتي ايڪشن ڇو نه ٿا وٺون؟ هاڻي چونڊ مهم اڄ ختم ٿي ويندي. وڪيل علي بخاري چيو ته پوءِ پولنگ ايجنٽن جي گرفتارين جو نئون مرحلو شروع ٿيندو،عدالت هراسان ڪرڻ کان روڪيندي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو