پي ٽي آءِ امداد ۾ رنڊڪ قرار، ڪارروائي جو مطالبو

پي ٽي آءِ امداد ۾ رنڊڪ قرار، ڪارروائي جو مطالبو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ٻوڏ متاثر اسان جي ريڊ لائين آهن _ گذريل ڏينهن پي ٽي آئي ڪريل سازش ڪئي آهي، هڪ جعلي تصوير 600 اڪائونٽس تان وائرل ڪئي وئي آهي ۽ اقوام متحده سميت عالمي امدادي ادارن کي ٽيگ ڪئي وئي آهي ۽ انھن تي زور ڀريو ويو آهي ته پاڪستان جي امداد بند ڪئي وڃي_ آئون بحثيت هڪ پاڪستاني ۽ ذاتي حيثيت ۾ وفاقي حڪومت ، وفاقي وزير گهرو رانا ثناا لله ۽ سمورن ادارن کي اپيل ڪيان ٿو ته پاڪستان ۽ ٻوڏ متاثرن خلاف ڪريل حرڪت ۾ جيڪو به ملوث آهي ان خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ انهن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي _ هن اعلان ڪيو ته هو ذاتي حيثيت ۾ سنڌ هائي ڪورٽ ۾ ان معاملي تي درخواست داخل ڪندو _ اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ آرڪائيوز ڪراچي ۾ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو _ هن چيو ته اين سي او سي پڻ ان معاملي تي ترديد جاري ڪئي آهي ته اهڙي قسم جي کين ڪا به امداد ناھي ملي ، جڏهن ته هڪ ٽي وي چينل خبر هلائي آهي ته اها تصوير ڀارت جي آهي _ هن چيو ته هو پي ٽي آئي جي پوري تنظيم کان سوال ڪري ٿو ته اها ڪهڙي قسم جي سياست آهي _ عمران خان جو ٻوڏ متاثرن سان ڪهڙو جهيڙو آهي، اها ٻوڏ متاثر ۽ معصوم ماڻهن خلاف سازش آهي۽ ان ڪريل حرڪت کي هرگز برداشت نٿو ڪري سگهجي _هن چيو ته پوري دنيا کي پيغام ڏنو ويو آهي ته پاڪستان جي امداد بند ڪئي وڃي ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد نه ڪئي وڃي _هن چيو ته اهو شيطان صفت انسان ادارن جو دشمن آهي ، عدل جو دشمن آهي ، سياستدانن جو دشمن آهي ، اڄ ٻوڏ متاثرن جو پڻ دشمن ثابت ٿي ويو آهي _ هن چيو ته اها تصويرمعروف ۽ اهڙن ماڻهن به پوسٽ ڪئي آهي جيڪي ٽي وي چينل تي ويهي ڪري پي ٽي آئي جي کليل حمايت ڪندا آهن _ اها ڪنهن به صورت ۾ اظهار راءِ جي آزادي نٿي ٿي سگهي _ ان حرڪت سان لکين معصوم ٻوڏ متاثرن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي _ اهڙين حرڪتن جا سڌا تانا بني گالا سان ملن ٿا، جيڪڏهن ادارن خلاف سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ هلايا وڃن ٿا ته انهن جا سڌا تانا بني گالا سان ملن ٿا _ هن چيو ته عمران خان وزير اعظم بڻجڻ لاءِ اهي حرڪتون ڪري رهيو آهي _ عمران خان هر شئي پنهنجي مرضي موجب چاهي ٿو _ آمريڪي سازش جي رٽ لڳائڻ وارو بني گالا ۾ لڪي آمريڪي ايمبيسي جي اختيارين ۽ سفارتڪارن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي _ صوبائي وزير اطلاعات چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ سمورا گهربل وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي _ گذريل ڏينهن سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن ، ڪڻڪ جي في مڻ قميت 4000 رپيا في مڻ مقرر ڪئي وئي آهي جيڪا گذريل سال 2000 رپيا في مڻ هئي _ هن چيو ته آبادگارن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي هو ايندڙ فصل اپت ڪرڻ جي لائق نه رهياآهن _ ڪڻڪ جي سپورٽ پرائس وڌائڻ جو مقصد اهو آهي ته آبادگارن کي ڪڻڪ پوکڻ تي انڪريج ڪيو وڃي ته جيئن اڳيان هلي ملڪ ۾ ڪڻڪ جو بحران پيدا نه ٿئي _ صوبائي وزير چيو ته ڪڻڪ ڪيش ڪراپ ناهي ۽ آبادگار ان جي عيوض ڪيش ڪراپ تي وڌيڪ ڌيان ڏين ٿا _ هن چيو ته ٻاهرين ملڪن مان گهرايل ڪڻڪ اسان کي 8000 رپين کان 8500 رپيا في مڻ ۾ ملي ٿي اها به ايتري معياري ڪڻڪ نه هوندي آهي ان ڪري سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي سپورٽ پرائس وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن آبادگارن جي معياري ڪڻڪ 4000 رپيا في مڻ جي حساب سان ڇو نه خريد ڪجي _ان قدم سان آبادگارن کي بہ فائدو پهچندو _هن چيو ته سنڌ حڪومت هر سال 15 آڪٽوبر کان سرڪاري ڪڻڪ گودامن مان جاري ڪندي آهي پر موجوده صورتحال ۾ جڏهن اٽي جي طلب وڌي رهي آهي سنڌ ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته سرڪاري ڪڻڪ پهرين آڪٽوبر کان جاري ڪئي ويندي ۽ ان ڏس ۾حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ صوبائي وزيرن تي مشتمل ذيلي ڪميٽي جوڙي وئي آهي _هن چيو ته ڪاميٽي سفارشون تيار ڪندي ته حقيقي پسيل طبقي تائين ڪڻڪ تي ملندڙ سبسڊي ڪيئن پهچائي وڃي ڇاڪاڻ ته موجوده طريقيڪار سان مزدور ۽ صاحب حيثيت ماڻهو هڪ ئي اگهه تي اٽو خريد ڪندا آهن _ صوبائي وزير چيو ته گذريل ڏينهن سنڌ ڪابينا جي گڏجاڻي ۾ سيڪريٽري خوراڪ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ٻوڏ ۽ برساتن ڪارڻ سرڪاري گودامن ۾ 4 کان 5 سيڪڙو ڪڻڪ متاثر ٿي پر ان جو درست اندازو پاڻي جي مڪمل نيڪال کان بعد ئي لڳائي سگهجي ٿو _ هن چيو ته ٻوڏ متاثر ڪجهه علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿيو آهي جڏهن ته جهڏو ۾ پاڻي جي ڪري صورتحال تمام خراب آهي ۽ ان سلسلي ۾ حڪومت وڌيڪ سخت فيصلا ڪري سگهي ٿي _ وزير اعليٰ سنڌ ٽاسڪ فورس جي گڏجاڻي ۾ آبپاشي کاتي ۽ پاڪ فوج جي ٽيڪنيڪل ٽيم کي فيلڊ جو معائنو ڪرڻ جو چيو آهي …

پهنجو تبصرو موڪليو