پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو چيلينج ڪري ڇڏيو

پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو چيلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي نئين تڪ بندين جي شيڊول کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر آرٽيڪل 184 III تحت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ شماريات کاتي، وفاق، اليڪشن ڪميشن، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ ڪابينا سيڪريٽريٽ کي ڌر بڻايو ويو آهي. پي ٽي آءِ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته نئين آدمشماري ٿيڻ تائين نئين تڪبندين جي ضرورت ناهي، اليڪشن ڪميشن جي تڪبندين جو شيڊول آئين ۽ قانون جي خلاف آهي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل شيڊول کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏنو وڃي، اليڪشن ڪميشن ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو وڃي ته چونڊ عمل کي يقيني بڻايو وڃي، اليڪشن ڪميشن کي چونڊ عمل ۾ ڪنهن به قسم جي دير کان روڪيو وڃي ۽ بنا دير حد بندين کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. 3مئي 2018 صحيح آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو