اسلام آباد(بيورو)رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف اسيمبلي ۾ واپس آئي ته هو سندن استقبال ڪندا.احسن اقبال چيو ته جاويد لطيف پي ٽي آءِ جي سهولتڪاري بابت غير ضروري بيان ڏنو آهي، کيس اهو بيان ڏيڻ جو اختيار ناهي.مسلم ليگ ن جي سيڪريٽري جنرل جو چوڻ هو ته جاويد لطيف جي بيان جو پارٽي پاليسي سان ڪو به تعلق ناهي.ياد رهي ته اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ جاويد لطيف چيو ته عمران خان جي سهولتڪارن کي ڄاڻون ٿا، اسان کي خبر آهي ته عمران خان رات جو ڪنهن سان ملاقات ڪندو آهي، عمران خان. اصل ۾ هڪ رانديڪو هوندو آهي جنهن ۾ چاٻي هوندي آهي جيڪا ڪڏهن به پنهنجو پاڻ نه هلندي آهي.










