پي ٽي آءِ آزادي مارچ لاءِ تيار

پي ٽي آءِ آزادي مارچ لاءِ تيار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پنهنجي ڪارڪنن کي عام چونڊن لاءِ تياريون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي 2 لک ماڻهن کي اسلام آباد آڻڻ جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪور ڪميٽي ۽ پارلياماني پارٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.رپورٽ موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وفاقي گادي واري هنڌ پاڪستان جي آزادي ۽ خودمختياري لاءِ 2 لک ماڻهو گڏ ڪيا ويندا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي ۽ پارلياماني پارٽي جو اجلاس 9 مئي تي ٿيندو جنهن ۾ آزادي مارچ جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. ان کان علاوه پارٽي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو سڄي ملڪ ۾ پي ٽي آءِ جي سمورن تنظيمن ۽ ڪميٽين جا اجلاس گهرائي عام چونڊن لاءِ تياريون شروع ڪن. ان کانسواءِ پي ٽي آءِ جي فنانس ٽيم اقتصادي ۽ توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلم ليگ ن جي اتحادي حڪومت جي صلاحيت تي سوال اٿاريا.

پهنجو تبصرو موڪليو