پي ٽي آءَ ۾ اختلاف، اهم اڳواڻن پاران پارٽي ڇڏڻ جو اعلان

پي ٽي آءَ ۾ اختلاف، اهم اڳواڻن پاران پارٽي ڇڏڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پنجاب ۾ چونڊن لاءِ پي ٽي اءِ پاران اميدوارن م ٽڪيٽون ورهائڻ واري معاملي تي اختلاف پيدا ٿي ويا آهن ۽ پارٽي جي اهم اڳواڻن پارٽي ڇڏڻ شرو ڪئي آهي. پي ٽي آءِ نارٿ پنجاب جي نائب صدر چوڌري زاهد اختر جمعي ڏينهن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، سينيئر پارٽي اڳواڻ فواد چوڌري جي ڀاءُ کي پي پي 25 (جهلم) تان پارٽي ٽڪيٽ ملڻ تي احتجاج ڪندي پارتي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن فيصلي جو اعلان جهلم ۾ اڳوڻي ايم پي اي ياور ڪمال سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، جنهن پڻ پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو. ياور ڪمال الزام لڳايو ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان فواد چوڌري طرفان بليڪ ميل ٿيڻ بعد کيس ٽڪيٽ نه ڏني ۽ هو خانداني سياست جو حامي آهي. هن چيو ته اسان ڏکئي وقت ۾ پارٽي جو ساٿ ڏنو، احتجاجن ۽ ڌرڻن ۾ حصو ورتو پر اسان سان زيادتي ڪئي وئي، فواد چوڌري جي ڪري نظرياتي ماڻهن پارٽي ڇڏي ڏني آهي. پارٽي جي ناراض اڳواڻ چيو ته هو پي پي 25 تي پي ٽي آءِ جي اميدوار خلاف اليڪشن وڙهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو